اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ عدالتي سڌار?? اسان جي منشور جو حصو هوندا، ڇاڪاڻ ته سڌارا قوم ۽ وقت جي ضرورت آهن. پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سياست جو مقصد رڳو عوام کي دوکو ڏيڻ آهي، هو هميشه چور دروازي کان اچڻ جا خواهشمند آهن ۽ هر وقت ايمپائر جي آڱر طرف ڏسندا آهن. احتساب عدالت ?? پيشيءَ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي محمد نواز شريف چيو ته سڌارا قوم ۽ وقت جي ضرورت آهن، سڌارن جو دروازو هر وقت ??ُليو رکڻ گهرجي، عدالتي سڌارا ايندڙ اليڪشن ۾ اسان جي منشور جو حصو هوندا.
مضمون کا ماخذ : ریل رش