گڏيل قومون – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ وڌيڪ قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاءِ تيار نه آهيون، طالبان جا محفوظ ٺڪاڻا پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون سرحد جي ٻئي پاسي کان ڪيون وڃن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف محدود جنگ جي ڊاڪٽرائين تي ??مل ڪيو ته کيس ڀرپور ۽ ان جهڙو جواب ڏنو ويندو، ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ??ملدرآمد لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمي?? ۾ ??نهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ معصوم عوام تي ??لمن تي ??ديد ڳڻتي ??و اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميرين کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو انڌاڌند ۽ هروڀرو استعمال ڪري رهيو آهي، عورتن، ٻارن ۽ نوجو??نن کي هروڀرو نشانو بڻايو پيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾ معصوم ڪشميري ماريا ۽ زخمي ڪيا ويا آهن
ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جو خصوصي نمائندو مقرر ڪيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر