ماسڪو-29 نومبر(اي پي پي) روس جي سائنسدانن 2027ع تائين روشني جي رفتار سا?? ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن جي رفتار موجوده تيز رفتار ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ ھڪ سو کان ھـڪ ھزار سيڪڙو وڌيڪ ھوندي. پرڏيھي رپورٽ ??طابق روس نيشنل سينٽر فار فزڪس اينڊ ميٿاميٽڪس (اين سي پي ايم) جي سائنسدان اليگزينڊر سرگئيف چيو ته ايندڙ ٻن سا??ن ۾ اسان ڏهون تي وڌيڪ طاقت واري 19 في سيڪنڊ کان وڌيڪ پراسيسنگ جي رفتار سا?? آپريشن جي طاقت سا?? گڏ ھڪ ورڪنگ پروٽو ٽائپ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو آھي جيڪو عالمي سطح تي موجوده ڪمپيوٽرن جي رفتار کان نمايا طور تي وڌيڪ آھي. اھو ھڪ طاقتور ھائبرڊ اليڪٽرانڪ فوٽو ونگ ڪمپيوٽر سسٽم جو ورڪنگ پروٽو ٽائپ ھوندو جيڪو ڊيٽا کي روشني جي رفتار سا?? پراسيس ڪندو. اليگزينڊر سرگئيف چيو ته مشھور عالمي ڪمپنين جي تيار ڪيل پنھنجي يونيورسل پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسرز ۽ گرافڪس پراسيسنگ يونٽس وارن جديد ڪمپيوٽرن بدران ان جو خصوصي ڪمپيوٽنگ سسٽم ڪيترن ئي ڪمن کي حل ڪرڻ ۾ نمايا طور تيز رفتاري جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو جيڪو 100 کان 1000 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو ۽ اھو گھٽ بجلي جي استعمال سا?? گڏو گڏ پنھنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪندو. سال 2030ع تائين امڪاني طور پراسيسنگ انتھائي سطح تائين پھچي سگھي ٿي. رپورٽ ??طابق ان ڪمپيوٽر جي تياري جي منصوبي تي ڪم ڪندڙن ۾ روس جو وفاقي نيوڪليئر سينٽر، روس جي ريسرچ انسٽي ٽيوٽ آف ايڪسپيريمينٽل فزڪس ۽ اسماراسٽيٽ يونيورسٽي جا ماھر شامل آھن.
روس جي سائنسدانن پاران ٻن سالن اندر روشني جي رفتار سان ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی