پيرس -08 جولاءِ (اي پي پي) فرانس ۾ تازين چونڊن ۾ حصو وٺندڙ 3 سياسي اتح??دن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڏڦيڙ پ??ڙجي ويا. رشيا ٽو ڊي مطابق ڏڦيڙن تي ??ابطو آڻڻ لاءِ سڄي ملڪ مان 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا جن مان صرف گادي واري هنڌ پيرس ۾ 5 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ٽنهي سياسي اتح??دن پاران واضح برتري حاصل نه ڪرڻ سبب فرانس ۾ انهن سياسي اتح??دن جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. رپورٽ مطابق پيرس، نانتيز، ليون، مارسيلي ۽ رينز شهرن ۾ پرتشدد هنگامن دوران دڪانن مان ڦرلٽ ڪئي وئي، موٽر سائيڪلن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ پوليس تي ڌماڪيدار مادو اڇلايو ويو جنهن کان پوءِ پوليس ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون گذريل مهيني وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ساڄي ڌر جي نيشنل ريلي پارٽي (آر اين) 33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا پر چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ هو پنهنجي پوزيشن برقرار نه رکي سگهي ۽ 143 سيٽن سان ٽئين نمبر تي ??چي وئي. کاٻي ڌر جي نيوپاپولر فرنٽ بلاڪ 182 سيٽن سان پهرين نمبر تي ??چي وئي پر قطعي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي قيادت ۾ اتحاد 168 سيٽن سان ٻئي نمبر تي ??چي ويو.
فرانس ۾ وقت کان اڳ چونڊن کان پوءِ ڏڦيڙ پکڙجي ويا، 30 هزار پوليس اهلڪار مقرر
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا