گڏيل قومون – 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي دنيا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي نائب مستقل نمائندي عامر خان گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ يو اين ڪميٽي آن انفارميش?? جي 45 هين سيش?? جي پڃاڻي تي متفقه طور تي ٺهراءُ جي منظوري کي ساراهيو. پاڪستان گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت اداري ڪميٽي آن انفارميش?? جي 45 هين اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ايئن ٻيون ڀيرو آهي ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت تنظيم ڪميٽي جي قيادت ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي دنيا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل ڪئي. ٺهراءُ جي مسودي ۾ اڄ جي دنيا ۾ معلومات جي اهميت جي توثيق ڪئي وئي ۽ قابل اعتماد، صحيع ۽ وقت سر معلومات تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سيشن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مش?? جي پريس ڪونسلر مريم شيخ شرڪت ڪئي. پاڪستاني نمائندي سمورن ميمبر رياستن تي زور ڏنو ته ٺهراءُ جي شقن تي عمل لاءِ قدم کنيا وڃن.
پاڪستان جي عالمي برادري کي غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر