اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته 75 سا??ن کان وڌيڪ عرصي کان آمريڪا پاڪستان حڪو??ت سان بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهڙن منص??بن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي جن جي تڪميل سا?? لکين پاڪستانين جي زندگين ۾ بهتريءَ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف ڊي آرٽس ۾ بنيادي ڍانچي جي حوالي سا?? رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير چيو ته ان منص??بن ۾ روڊن، پُلن، پرائمري اسڪولن، تعليمي ادارن، بجلي جي رسد جو نظام ۽ آبي منص??بن جي تعمير شامل آهي. هن چيو ته ان منص??بن سان سڄي ملڪ ۾ ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي ۽ ترقيءَ جا موقعا مهيا ٿي رهيا آهن. 2005ع کان وٺي هن وقت تائين آمريڪي حڪو??ت سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي منص??بن ۾ لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، آمريڪا ان مُک ملڪن مان هڪ هو جنهن پاڪستان جي قيام کان پوءِ ان کي تسليم ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اسان جي حصيداري به ان وقت شروع ٿي ۽ اها وڌندي رهي آهي. ان حوالي سا?? تربيلا ۽ منگلا ڊيم ذڪر جوڳا مثال آهن، جن جي تعمير ۾ آمريڪا 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪن ۾ مالي مدد جي فراهمي ڪئي هئي. 2013ع ۾ اسان وڌيڪ 40 لک پاڪستانين جي ضرورتن جي تڪميل يقيني بڻائڻ لاءِ ان پاڻي ذخيرن جي تجديد ۽ انهن جي بحالي ۽ بهتريءَ تي اڄ به ڪم جاري آهي. سفير چيو ته اسان صحت جي اصولن ۽ تعليم جي حاصلات جي موقعن تائين رسائيءَ کي هٿي ڏيڻ جي ارادي سا?? 60 کان وڌيڪ طبي مرڪز ۽ اسپتالن جي تعمير، رنگ روغن جي لاءِ مقامي حڪومتن سا?? ڀائيواري به ڪئي جن ۾ پشاور جو جديد اسپتال برن ۽ ٽر??ما سينٽر، 543 پرائمري، ثقانوي ۽ اعليٰ ثانوي ادارن جو قيام به شامل آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ج ذڪر ڪيو وڃي ته آءِ بي اي ڪراچي، لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز ۽ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ان واٽر، انرجي اينڊ فوڊ سيڪيورٽي اهڙن اعليٰ معيارن جي ادارن جو قيام آمريڪا طرفان پاڪستان سا?? سهڪار جو اهڃاڻ آهي. آمريڪي سفير چيو ته اسان جي ترقياتي امداد قرضن کان پاڪ آهي، اسان قرضن بدران گرانٽس يعني مالي مدد فراهم ڪيون ٿا جنهن سا?? ماڻهن جي زندگين کي ڊگهي مُدي واري بار برداشت ڪرڻ کانسواءِ جديد بنيادي ڍانچي سا?? مستفيد هئڻ ۾ مدد ملي ٿي . هن چيو ته اسان محض بنيادي مادي ڍانچي جي تعمير لاءِ ئي مدد فراهم نٿا ڪريون پر پاڻ ماڻهن جي ترقيءَ ۾ به سيڙپڪاري ڪريون ٿا. آمريڪي منص??بن ۾ روزگار جي موقعن جي تخليق ۽ مقامي ماڻهن جي سگهه و??ائڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، روڊن ۽ پُلن جي تعمير کان وٺي تعليمي ادارن،طبي مرڪزن جي قيام تائين، اسان جا منصوبا روزگار پيدا ڪرڻ، ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن جي مهارتن ۾ واڌ ڪرڻ آهي، ان سمورين سرگرمين سا?? مقامي معيشت ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري داخل ٿئي ٿي. آمريڪي سفير چيو ته ترقيءَ جي حوالي سا?? آمريڪي اپروچ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاريءَ سا?? مقامي برادرين انهن جي خدمتن ۽ موقعن مان سڌيءَ ريت فائدو ٿئي. هن چيو ته توڙي جو اسان پاڻيءَ لاءِ شاخن جي بحالي ڪري رهيا آهيون يا اسڪولن جي نئين سر تعمير، توانائي جي سهولتن جي فراهمي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته ان منص??بن سان سڌيءَ ريت مقامي ضرورتن جي تڪميل هجي، ان منص??بن جي نگراني مقامي ماڻهن وٽ هجي، ان سموري ڳالهين جو خلاصو اهوئي آهي ته ان منص??بن جي تڪميل لاءِ وڏي عرصي کانپوءِ تائين به پاڪستان جي عوام کي منافعو ملندو رهي. سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته مستقبل جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آمريڪي حڪومت پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي ملڪ ۾ ترقي ۽ موقعن جي دستيابيءَ کي هٿي ڏيندي رهندي، جڏهن ته پاڪستان کي ڪلائمينٽ سمارٽ ترقي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي حاصلات جي راهه گامزن ڪرڻ جي سلسلي ۾ پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي ذريعن ۾ اسان جي حصيداري بنيادي هوندي. هن چيو ته روڊن جي تعمير ۾ اسان جي سيڙپڪاري واپار جي واڌ جي بنياد رکي آهي. پاڪستاني ڪاروبارن جي بين الاقوامي مارڪيٽن تائين رسائي يقيني بڻائي آهي. تعليم جي شعبي ۾ اسان جي سيڙپڪاري ايندڙ نسلن جي اڳواڻي ۽ ماهر پيدا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي. هن چيو ته هي پائيدار روايت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مستقبل جي تعاون، گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ ترقيءَ جي عزم جي مضبوط بنياد تي قائم رکندو. آمريڪي سفير چيو ته اسان پاڪستان جي مستقبل ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون.
آمريڪي حڪومت پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي ملڪ ۾ ترقي ۽ موقعن جي دستيابي کي هٿي ڏيندي رهندي: آمريڪي سفير
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria