اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي متوقع دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ لائحه عمل ط??ي ڪرڻ ۽ سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين?? گوادر پورٽ اٿارٽي جڏهن ته چين ۾ رهندڙ پاڪستان جي سفير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسان کي سي پيڪ فيز 2 تحت وڌ کان وڌ سيڙپڪاري آڻڻ ۽ جاري منصوبن جي وقت سر پوري ٿيڻ کي يقيني ??ڻا??ڻو پوندو. وفاقي وزير لاڳاپيل ??هديدارن کي هدايت ڪئي ته هو شنگهائي سمٽ ۾ چين جي وزيراعظم جي آمد کان اڳ روزاني جي بنياد تي سي پيڪ مع??هدن ۽ منصوبن جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : بونانزا