ا??لا?? آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن وار?? وزارت طرفان جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ مالياتي معاملن وار?? وزير طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان مفاهمتي يادداشت?لا??_مشین/105299.html"> کا??پوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اٽڪل 2 بلين ڊ??لر?? جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان?لا??_مشین/105299.html"> کا?? اڳ پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفاهمتي يادداشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وزير راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وزير اويس لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ايس آءِ ايف سي ميجر جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان موقعي تي وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ چيو ته اسان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ان يادداشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن وار?? وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب گڏاڻي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ٿيوون. پاڪستان ميري اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ڪمپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ?لا??_مشین/105299.html"> کا?? وڌيڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان?لا??_مشین/105299.html"> کا??سواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو اٽڪل 175 بلين ڊينش ڪرون آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي معاملن وار?? وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان مفاهمتي يادداشت لاءِ گذريل 6 مهينن?لا??_مشین/105299.html"> کا?? مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پاڪستان حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاق?? وزير جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پاران ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل