اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪري. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ??ند??) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي خلاف ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي. درخواستگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ملازم هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته هو ان وقت نابالغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ اهل نه هو. جڏهن عمر پوري ٿيڻ تي نوڪري جي لاءِ درخواست ڏني ته بنا ڪنهن جواز جي سندس درخواست کي رد ڪيو ويو. درخواستگذار پنهنجي شڪايت جي ازالي جي لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ??ي سگهي. جنهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي شڪايت جي حل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ته شڪايت ??ند?? پي سي اي اي جي خلاف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ان جي درخواست جي وقت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه هو. ان کانپوءِ شڪايت ??ند?? صد?? وٽ محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. پنهنجي فيصلي ۾ صد?? چيو ته شڪايت ??ند?? جي والد جو مدو ملازمت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت درخواستگذار جي عمر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي پاليسي تحت عمر پوري ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ملازم جي پٽ کي اشتهار جي رسمي ڪارروائي مان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي لاءِ غور ڪرڻ گهرجي ها. صد?? پي سي اي اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته هن 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي پاليسي اختيار ڪئي هئي ۽ فوري ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پوزيشن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه هيون. صد?? نشاندهي ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي دعويٰ موجوده ڪيس جي حالتن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته درخواستگذار سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر جي حد مڪمل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه هو. هن چيو ته اها پاليسي جي ممڪن لاڳو جو معاملو آهي نه ڪي پاليسي جي اڳوڻي لاڳو جو معاملو آهي. صد?? سول اپيل نمبر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صد?? شڪايت ??ند?? جي درخواست منظور ڪندي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني جي اندر قانون موجب مقرري جي لاءِ ان جي درخواست تي ڪارروائي ڪري.
صدر پاران پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔