اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پا??ستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير ش??وئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بي??ن موجب بيلاروس ٽريڪٽر جو گڏيل پلانٽ پا??ستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پا??ستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بيلاروس پا??ستان ۾ زرعي مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته پا??ستاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس پا??ستان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ ??اهي ٿو.
پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha