اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان و??و چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ??يئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زوئي ??يئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ الله تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان و??و چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تصديق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ٿي. مس زوئي ??يئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria