اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق چي?? آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، سياسي اختلاف ضرور رکو پر ذاتيات کان پاسو ڪريو، ٽيون ڀيرو اسپيڪر جي عهدي تي چونڊجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان تي پنهنجي اڳواڻن، پارٽي ۽ اتحادن جو شڪرگذار آهيان. قومي اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چي?? ته کيس هن ايوان ٽيون ڀيرو باوقار منصب تي چونڊيو آهي، ٽيون ڀيرو چونڊجڻ تي پنهنجي قائ?? نواز شريف، پارٽي صدر شهباز شريف، پنهنجي پارٽي ??سل?? ليگ (ن)، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ايم ڪيو ايم پاڪستان، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو شڪرگذار آهيان. هن چي?? ته هو پنهنجي تڪ جي ووٽرن جو ٿورائتو آهي جن کيس چونڊرايو، هن پنهنجي مخالف ڌر سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر جو ٿورو مڃيو جنهن هن جمهوري عمل ۾ حصو ورتو. هن چي?? ته اسپيڪر جو عهدو هڪ مشڪل ذميواري آهي، اسپيڪر طور قانون، قاعدي موجب ايوان جي ڪارروائي هلائڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چي?? ته سياست ۾ ٺهيل دوستيون اثاثو هونديون آ??ن، اختلاف باوجود هن ايوان ۾ تعلق ۽ احترام برقرار رهندو. هن اڳوڻي اسپيڪر جي خدمتن کي به سا??اه??و. سردار اياز صادق چي?? ته حڪومت، مخالف ڌر پاڻ ۾ اختلاف ضرور رکن اهو جمهوريت جو حسن آ??ن پر ان ۾ ذاتيات تي نه اچڻ گهرجي. هن چي?? ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، ملڪ کي درپيش مسئلن تي سياست بدران قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، پريس گئلري جو نمايان ڪردار آهي، ايوان جي ڪارروائي بهترين طريقي سان هلائڻ ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جو ڀرپور تعاون رهيو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ذاتي پسند ۽ناپسند ۾ الجهون يا عوام جي امنگن تي پورو لهون، اسان کي سياستي وابستگين کان مٿانهون ٿي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي، هن ايوان ۾ موجود سمورا ميمبر باصلاحيت آهن انهن جي صلاحيتن جو اعتراف آهي. سني اتحاد ڪائونسل جي اسپيڪر جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق کي مبارڪون ڏنيون، هن چي?? ته اسان احتجاجن هن ايوان جو حصو بڻياسين ته جيئن اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون، 8 فيبروري تي پاڪستان جي عوام خاموش انقلاب جو ثبوت ڏنو، اسان جا سمورا ميمبر اسان سان گڏ آهن، هن نگران حڪومت طرفان بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن 2013ع ۾ اسپيڪر طور سردار اياز صادق جي ڪردار کي سا??اه??و.
ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جون حلف کڻڻ کانپوءِ ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش