لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن جي معاملي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، رياست جي ويڙهه بلوچن سا?? نه پر دهشتگرد تنظيمن سا?? آهي، دهشتگردي جي نئين لهر جو پوري طاقت سا?? مقابلو ڪيو پيو وڃي. هو لاهور ۾ ڪاروباري سهولت مرڪز جي دوري دوران صحافين سا?? ڳالهائي رهيو هو. نگران وزيراعظم چيو ته افسوس جو مقام آهي جو بلوچ خاندانن جي معاملي کي حقيقتن جي ا??تڙ پيش ڪيو پيو وڃي ڇو ته بلوچ ته رياست پاڪستان سا?? گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن جي قتل ۾ دهشتگرد ۽ هٿياربند عسڪريت پسند ملوث آهن جيڪي ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ استادن کي ماري رهيا رهيا هئا. رياست انهن دهشتگردن سا?? پوري طاقت سا?? وڙهندي ڇو ته انهن کي ماڻهن کي مارڻ جو لائيسنس نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته احتجاج سڀني جو آئيني حق آهي پر اهو احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجي. ميڊيا جي هڪ حصي پاران تنقيد جو حوالو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچ خاندانن سا?? نه وڙهي ره?? آهي، رياست جي ويڙهه بلوچن سا?? نه پر دهشتگرد تنظيمن سا?? آهي. هن چيو ته اهي دهشتگرد ”را“ کان پئسا ۽ فنڊنگ وٺي رهيا هئا ۽ صوبي ۾ ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هئا. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ماريا ويا پر هيستائين شايد ئي 9 ڏوهارين کي سزا ڏني وئي هجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اظهار جي آزادي تي ڪا پابندي نه آهي. ڊي آ??ي خان ۾ جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جي گاڏين تي مبينا فائرنگ جي واقعي جي حوالي سا?? سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳ?? آهي، حڪومت خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي علائقن ۾ سيڪيورٽي خطرن جو جواب سمورن دستياب وسيلن سا?? ڏئي ره?? آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ۽ سيڪيورٽي اوزار استعمال ۾ آندا ويندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان جلد قسط ملڻ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف کان تڏهن ئي ڇوٽڪارو ملندو جڏهن اسان وڌ کان وڌ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، قرضن جي صحيح استعمال سا?? ئي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ايف بي آر هن ڀيري جيترو ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، اهو اڳ ۾ ماضي ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج سڀني جو حق آهي، قانون ان جي لاءِ هوندا آهن ته جيئن ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي.
احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن جي معاملي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر