اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ??لاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون اول جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي ??حت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مب??رڪ??اد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.
معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد