اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (??ي ايس جي آئي) کي روڪڻ ۽ سڄي دنيا ۾ غذائي ناڻي واڌ تي ان ??ي اثرن بابت پاڪستان ??ي موقف کان ??گاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گذريل سال ??ي ايس جي آئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي ان کي درخواست ڪئي ته هو تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي ان قدم کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون مصروفيتون جاري رکي جيڪو سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي بار بار ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪندي بين المذاهب هم آه??گي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ??وس حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان ??وڙي گڏيل قومن جي سطح تي گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن سان پاڪستان ??ي جاري تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر عورتن کي ”لينڊ ٽائٽلز“ جي فرهامي جي لاءِ شروع ڪيل تازي منصوبي کان پڻ آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : بونانزا