اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصو??ن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصو??ن جي لاءِ 9 ارب 11 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصو??ن جي لاءِ 21 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 3 ارب 68 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصو??ن جي لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصو??ن جي لاءِ 57 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪيشن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪروڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي لاءِ 28 ارب 45 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام لاءِ هڪ ارب رپيا، بين الصوبائي رابطا اقتصادي لنگهه جي لاءِ 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد رو?? کان ڪامونڪ?? موٽروي لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، روهڙ?? کان گڊو بئراج تائين رستي جي بهتري لاءِ 4 ارب رپيا، ٽنڊو الهيار کان ٽنڊو آدم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب رپيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ ها??ِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير لاءِ 4 ارب رپيا، سانگهڙ کان نيشنل ها??ِ وي اين 5 رستي جي بهتري لاءِ 3 ارب رپيا، سنڌ ڪوسٽل ها??ِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ 2 ارب رپيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 2 ارب رپيا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيزيشن جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه ش??يف اين – 55 رستي لورالائ?? موسيٰ خيل جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير لاءِ هڪ ارب رپيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ڪراس تائين رستي جي بهتري ۽ ويڪرائي جي لاءِ هڪ ارب رپيا جڏهن ته خاني ڪراس کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، ويڪرائي ۽ بهتري جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی