اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو، آئين کان مٿانهين قانونن آئين کي داغدار ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارلياماني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر خالد مقبول صديقي چيو ته عالمي ا??ن کي هن وقت پاڪستان مان نه پر هندستان مان خطرو آهي، اسان کي هندستان کان وڌيڪ پاڪستان جي طرف ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته آئين پاڪستان جا 50 سال م??مل ٿي چڪا آهن، 50 سال اسان 50 کان گهٽ ترميمون ڪيون آهن، اهي ترميمون قومي مفادن تحت ڪيون ويون. قومي اسيمبلي ميمبر محسن شا??نو??ز رانجها چيو ته آئين پاڪستان سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي حق فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ مستقبل جي سمورن چئلينجن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پارلياماني مباحثن سان آئين کي سم??هڻ ۾ مدد ملي ٿي. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نفيسه شاهه چيو ته پاڪستان کي عدالتي، سياسي، معاشي ۽ امن امان جا بحران درپيش آهن، پارليامينٽ عدالتي تجويزن خلاف بيٺل آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 245 تي عمل ٿيو، ٻن صوبن ۾ فوج گهرائي وئي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه ناصر چيو ته بنيادي حق آئين جي عين موجب آهن. پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن، آئين جي سامهون سمورا مرد ۽ عورتون برابر آهن، مذهب جي آزادي به بنيادي ا??ساني حق آهي.
اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو: قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو پارلياماني ڪنونيشن کي خطاب
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا