اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ ايندڙ مهيني ڀارت ويندو، افغانستان ۾ پاڪستان جي ??يڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻي??ر سنڀالي ورتيون آهن، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو، سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم سان پراڻي وابستگي کي نظر ۾ رکندي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گوا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪندو، پرڏيهي وزير پنهنجي ڀارتي هم منصب ۽ ايس سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??وجوده سربراهه ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي او سي ايف ايم اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل سان پاڪستان جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو پاڪستان پنهنجي ??رڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي ??اءِ ڏي ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ماحولياتي تحفظ بابت وزارتن جي سربراهن جي چوٿين ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي ??مائندگي ڪئي. هي اجلاس 18 اپريل تي نئين دهلي ۾ آن لائين فارميٽ ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي ??اءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او جي ??اهرن جي اجلاس ۾ عملي طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته اڄ محمد ادريس محسود ميمبر ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن، هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي ??اءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او اجلاس ۾ عملي طور شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي ??يڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻي??ر سنڀالي ورتيون آهن، اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مش??ز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ??يم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ تعاون حاصل آهي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پنهنجي ڪشيري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي ??قدس مهيني جي ??ڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي، هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سري نگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي ??قدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي ??ڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي ??ذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪن ٿيون، اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت جي اولين ترجيح آهي، اسان سوڊان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ اتي پاڪستاني ڪميونٽي جي حفاظت ۽ سلامتي تي گهري نظر رکي آهي. ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو اسان جي ڪميونٽي سان ويجهي ۽ مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هو انهن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت جي اولين ترجيح آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد افغانستان جي ??اڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزارتي اجلاس ۾ مملڪتي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال تي روشني وڌي ۽ افغانستان جي ??اڻهن جي ??اءِ انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان ۾ وڌيڪ سياسي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي ??قصد طرف اڳڀرائي تي پڻ زور ڏنو. مملڪتي وزير خطي جي ??اءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت ۽ اتي امن ۽ استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جي ??فاد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير افغانستان تي چار ڌريي گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چين، ايران، پاڪستان ۽ روس شامل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهيني ڀارت ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ