اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪ??پيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (??ي ڊي اي) پاران ملازمه کي ??ها??شي ڪ??ارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف ??ي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته معاشري ۾ عورتن سان امتيازي سلوڪ رکي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ??ي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪ?? تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت ??ي گهر نه ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت ??ي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن ??ي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان جي بانين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي، ??ي ڊي اي وفاقي محتسب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪ??ارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ??ي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب ??ي ڊي اي پاران رڳو مرد ڌوٻين کي ??ها??شي ڪ??ارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو ??ي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪ??ارٽر جي الاٽمينٽ جي لاءِ ??ي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه ??ي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، عورت ??ي ڊي اي کي ڪ??ارٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته ??ي ڊي اي ڪ??ارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن ??ي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت ??ي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان جي ابتڙ ??ي ڊي اي محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. ??ي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ئي اها ??ها??ش ??ي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، ??ها??ش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، ??ي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي رشتيدارن جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته ??ي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي ??ي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
صدر پاران سي ڊي اي پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados