اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪيه ۾ شديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طي?? اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امد??دي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ان سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان موجب وز??را??ظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري رهي آهي جن ۾ س??دي??َ جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان موجب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳا??يل ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان متاثر علائقن جي لاءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪيه جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته پاڪستان فوري امد??دي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪم جاري رکندو.
پاڪستان پاران شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ