اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪن??و. ??زيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس ??يبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به وزيراعظم جي استنبول ۾ قيام دوران ساڻس ملاقات ڪن??و. ??اڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس ??ابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪ??ي ??ئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس ??در جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪ??اچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. وزيراعظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪيو هو.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر جي دعوت تي 25 نومبر کان ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر