اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته عمران خان جيڪڏهن ادارن کي چوڪيدار چئي رهيو ??هي ته ادارا قومي دفاع ۽ قومي سلامتي جا محافظ آهن، توهان جي اقتدار ۽ ڪرسيءَ جا نه، عمران خان جي پوري سياست بيساکين تي ٻڌل آهي، اڄ هو بيساکين جي ڳولا ۾ تڙپي رهيو ??هي پر ڪٿان بيساکيون اچي نه رهيون آهن، هو چاهي ٿو ته ادارا پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪري ان جي راند جو حصو بڻجن، قوم فارن ايجنٽ، سازشي، قومي سلامتي سان کيڏندڙ، آئين ٽوڙيندڙ، ڪوڙي ۽ نااهل شخص کي ڪڏهن معاف نه ڪندي، عمران خان جهڙي شخص کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڪير قومي مفاد ۽ ملڪ جي آئين سان کلواڙ نه ڪري سگهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه گذريل ٻن مهينن کان وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ جي حوالي سان رڪارڊ ڪم ڪيو، جڏه?? ٻوڏ آئي ته ان جي تباهين جو مقابلو ڪرڻ مشڪل نظراچي رهيو هو. هن چيو ??ه هٿياربند فوج، صوبائي حڪومتن، اين ڊي ايم اي، سول سوسائٽي سميت دوست ملڪ?? ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ??ه وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي تازي دوري دوران به سمورو ڌيا?? ٻوڏ تي رهيو. هن چيو ??ه مقامي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاٿر علائقن ۾ گڏيل سرويز شروع ٿي ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ??ه هڪ طرف ملڪ جو وزيراعظم هن وقت ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي سرگرمين ۾ ڏينهن رات مصروف آهي جڏهن ته ٻئي طرف هڪ شخص جيڪو هن ملڪ ۾ چئن سالن تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل رهيو، ان جون آڊيو ليڪس سامهون اچي رهيون آهن جيڪو ملڪي سلامتي جي خلاف سازش ۾ ملوث آهي. هن چيو ??ه عمران خان جي په??ين آڊيو ليڪ 28 سيپٽمبر تي سامهون آئي، اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي ڪرسيءَ جي وڃڻ جي خوف ۾ ورتل هو، هن 27 مارچ تي جلسي ۾ هڪ ڪاغذ لهرايو، ان جي ٻاهرئين سازش جي پوري راند بي نقاب ٿي وئي آهي، ان آڊيو ليڪ ۾ اڳوڻو وزيراعظم بار بار چئي رهيو ??هي ته اسان کي ان سفائر سان کيڏڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه 7 مارچ تي سائفر آيو ??يڪو 8 مارچ تي فارن آفيس کي مليو، 9 مارچ تي ان سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس ۾ گهرا??ي وئي. هن چيو ??ه آڊيو ليڪ ۾ عمران خان چيو ??ه ان تي تاريخ اڳ جي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه 7 مارچ تي ملندڙ سائفر جو عمران خان ان وقت قوم کي ڇو نه ٻڌايو ??ه منهنجي خلاف سازش ٿي رهي هئي. مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان 27 مارچ تي اهو ڪاغذ ان لاءِ لهرايو ??ه ان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ۽ ان جا اتحادي ان کي ڇڏي وڃي رهيا هئا. هن چيو ??ه عمران خان چور، ڪرپٽ ۽ نااهل هو، هن ملڪي معيشت تباهه ڪئي، ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪئي جنهن جي ڪري ان جا اتحادي به ان کي ڇڏي ويا. هن چيو ??ه آڊيو ليڪ ۾ عمران خان چئي رهيو ??هي ته اسان کي ان سائفر سان کيڏڻو آهي ۽ آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، عمران خان ان سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، ان ۾ سازش جو لفظ استعمال ڪيو. هن چيو ??ه آڊيو ليڪ ۾ عمران خان جو پورو بيانيو ??ي نقاب ٿي ويو هو. هن چيو ??ه عمران خان جي 30 سيپٽمبر تي هڪ ٻي آڊيو ليڪ آئي جنهن ۾ ميٽنگ گهرائڻ جو ذڪر ڪيو ويو، ان آڊيو ليڪ ۾ پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٽي چار وزيرن کي گهرائڻ جي ڳالهه ڪ??ي وئي ۽ ان سائفر جي منٽس جي تياري جو ذڪر ڪيو ويو. هن چيو ??ه 30 سيپٽمبر واري آڊيو ليڪ ۾ چيو ويو ??ه ان سائفر کي خط چيو ويندو، آڊيو ليڪ ۾ حقيقي آزادي وارا چئي رهيا آهن ته اسان کي آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، عمران خان آڊيو ليڪ ۾ بار بار چئي رهيو ??هي ته اسان زبان مان آمريڪا جو نالو نه نڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه جيڪڏهن انهن جي ڳالهه مڃي وڃي ته 7 مارچ تي انهن وٽ سائفر آيو ??يڪو ملڪ جي خلاف سازش هئي ته پوءِ نالو ڇو ناهي وٺڻو، عمران خان کي خبر هئي ته هو ملڪي مفادن، قومي سلامتي ۽ ملڪ جي آئين سان کلواڙ ڪري رهيو ??هي، عمران خان ملڪ ۽ عوام کي گمراهه ڪيو، قومي سلامتي ۽ قومي مفادن سان راند کيڏي، ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان راند راند ۾ پارليامينٽ ۽ آئين کي ٽوڙيو، کيس شرم تائين نه آئي ته هن پنهنجي سياست ۽ ڪرسيءَ جي لاءِ ملڪ سان کلواڙ ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ??ه عمران خان جي پوري سياست بيساکين تي ٻڌل آهي، عمران خان پنهنجي سياست خيرات جي پئسي سان ڪئي، هي ٻين جي سهاري تي سياست ۾ آيو. هن چيو ??ه عمران خان اڄ ڇو ڊڄي رهيو ??هي، اڄ جڏهن کيس پنهنجي زور تي سياست ڪرڻي پئجي رهي آهي ته هو ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آيو. هن چيو ??ه عمران خان چار سال تائين پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ رکيو، عدالتن ۾ انهن جي خلاف جعلي ريفرنس داخل ڪيا، پوري رياستي طاقت استعمال ڪئي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ ٺهيو. هن چيو ??ه عمران خان قومي سلامتي جي حساس معاملي کي سياست جي ور چاڙهيو، هي قومي سلامتي ۽ آئين ۽ قانون جو معاملو آهي، سائفر کي سياست جي ور عمران خان چاڙهيو ??هي، عمران خان جي آڊيو ليڪس جي حوالي سان ڪابينا ۾ تفصيلي بريفنگ ٿي. هن چيو ??ه سيڪريسي ايڪٽ تحت سائفر پبلڪ نه ٿو ٿي سگهي، عمران خان ان سائفر کي منٽس ۾ تبديل ڪري راند کيڏڻ جو تماشو ڪيو. هن چيو ??ه عمران خان پنهنجي ٻنهي آڊيو ليڪس جي ترديد ناهي ڪئي، هو ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي. هن چيو ??ه عمران نيازي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، طيبه گل جي وڊيو ??ستعمال ڪئي، نيب جي چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري نيب نيازي ڳٺ جوڙ ٺاهيو. هن چيو ??ه عمران خان جي خلاف ثبوت موجود آهن، ڪابينا ان تي تفصيلي بحث ڪيو ??هي ۽ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي، ان ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ??هي ته اهو ڪريمنل انويسٽيگيشن زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ??ه ان معاملي جي ڀرپور جاچ ڪري ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان جي آڊيو ليڪ ان وقت جي آهي جڏهن هو وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي موجود هو، عمران خان کي خبر هجڻ گهرجي ته اهڙي طرح جي راند سان ٻاهرئين ملڪ لاڳاپا، فارن پاليسي، ملڪي سلامتي ۽ ملڪي معاملن تي گهرا اثر پون ٿا، اڄ عمران خان جي ان راند جا نقصان پاڪستان ڀوڳي رهيو ??هي. هن چيو ??ه عمران خان سان ٻيا ملڪ ڳالهائيندي 10 ڀيرا سوچين ٿا. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي اي آر وائي ٽي وي چينل تي انٽرويو ??ي وڊيو پڻ هلا??ي وئي جنهن ۾ اينڪر پرسن اڳوڻي وزيراعظم کان سوال ڪري رهي آهي ته ليٽر جي ڪاپي ڪٿي آهي جنهن تي عمران خان چوي ٿو ته اها گم ٿي وئي آهي، ان جي هڪ ڪاپي ان وٽ هئي پر هاڻي اها گم ٿي وئي آهي، خبر نه آهي اها ڪٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان وٽ سائفر جي ڪاپي هئي جنهن بابت هو چئي رهيو ??هي ته اها گم ٿي وئي آهي، هي اهو دستاويز آهي جنهن تي راند کيڏي وئي، آئين ٽوڙيو ويو، پارليامينٽ ٽوڙي وئي. هن چيو ??ه عمران خان اها ڪاپي وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ اڄ چئي رهيو ??هي ته مون کي خبر نه آهي ته اها ڪٿي آهي. هن چيو ??ه اهڙي شخص کي غدار نه چيو وڃي ته ڇا چيو وڃي؟ هن چيو ??ه اهو ناقابل معافي ڏوهه آهي، عمران خان اهو ڏوهه ڪيو ??هي جنهن جو هو پاڻ مڃي رهيو ??هي ته ان جي ڪاپي گم ٿي وئي آهي. هن چيو ??ه عمران خان ملڪ جو تماشو بڻائي ڇڏيو ??هي، هن عوام کي بيوقوف بڻايو، مديني جي رياست ۽ امر بالمعروف جهڙي پاڪ نالي کي پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو، جڏهن سڀ ڪجهه عمران خان جي هٿ مان نڪري ويو ??ه هن ان سائفر کي آمريڪي سازش جو نالو ڏئي عوام کي گمراهه ڪيو. هن چيو ??ه عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان ڪنهن کي ايڪس وائي زيڊ ۽ چوڪيدار چئي رهيو ??هي؟ عمران خان جيڪڏهن ادارن کي چوڪيدار چئي رهيو ??هي ته عمران خان صاحب ادارا قومي دفاع ۽ قومي سلامتي جا محافظ آهن، توهان جي ڪرسيءَ ۽ اقتدار جا نه. هن چيو ??ه عمران خان چاهي ٿو ته ادارا پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪري ان جي ان راند جو حصو بڻجن. هن چيو ??ه عمران خان چئي رهيو ??هي ته قوم چوڪيدارن کي معاف نه ڪندي، عمران خان صاحب! قوم فارن ايجنٽ، سازشي، قومي سلامتي سان کلواڙ ڪندڙ، آئين ٽوڙيندڙ، ڪوڙي ۽ نااهل شخص کي معاف نه ڪندي. هن چيو ??ه عمران خان روزانو بيهي ادارن کي ڌمڪيون ڏي ٿو، ججن تي آواز اُلاري ٿو ۽ پوءِ معافيون وٺي ٿو، بند ڪمرن ۾ پير پڪڙي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان هڪ هارايل ۽ ڪوڙو شخص آهي. عمران خان چار سال تائين طيبه گل جي وڊيو ??ي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، هاءِ ڪورٽ جي اندر سمو??ين ٻڌڻين ۾، آئون پاڻ موجود هيس، جڏهن نيب کان پڇيو پ??ي ويو ??ه ڪو هڪ ڪاغذ ڏيکاريو ??نهن سان نواز شريف جي ڪرپشن يا ايون فيلڊ جي فليٽس سان لنڪ ثابت ٿيندو هجي، نيب چيو ??ه اڄ جي لاءِ ايترو ڪافي آهي. هن چيو ??ه عمران خان ڇهن سالن تائين پنهنجي حوا??ين سان گڏجي نواز شريف کي بدنام ڪيو، نواز شريف ڪڏهن اهو نه چيو ??ه باهه لڳائي ڇڏيو، قومي رازن سان کيڏو، جيڪو چور هوندو آهي اهو عمران خان وانگر عدالتن مان ڀڄندو آهي. هن چيو ??ه عمران خان کان انهن ڇهن سالن جو جواب وٺڻ باقي آهي جنهن ۾ هن ناقابل تلافي نقصان پهچايو. هن چيو ??ه جيڪو ليڊر ملڪ مان ڀڄي ٿو اهو پنهنجي ڌيئرن جا هٿ پڪڙي احتساب جي لاءِ واپس ناهي ايندو، جج ارشد ملڪ جي آڊيو ۽ وڊيو ??ه سڀني جي سامهون آهي ته نواز شريف جي خلاف ڪيسز ڪوڙا آهن. هن چيو ??ه نواز شريف پنهنجي خلاف سمورن ڪيسز کي منهن ڏنو. نواز شريف ٽي ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي، هو پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي پنهنجي خلاف ڪيسز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان واپس آيو هو، اڄ ڪو شخص عمران خان جي بدبودار ۽ جعلي احتساب مان سرخرو ٿيو ??هي ته ان جو نالو نواز شڙيف آهي. هن چيو ??ه عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ مريم نواز کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪرايو، جڏهن ان جي خلاف ڪجهه نه مليو ??ه ان کي رمضان شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو، مريم نواز جو پاسپورٽ ضبط ڪيو ويو ??يڪا بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ??ه عمران خان کي چار سال جيڪو ڪرڻو هو ڪري ورتو، هاڻي هو عوام کي بيوقوف نه بڻائي، حقيقت اها آهي ته ڪڏهن ڪنهن قسم جي نه چوري ٿي نه ڪڪ بيڪس، نه ڪرپشن ۽ نه اختيارن جو ناجائز استعمال ٿيو. هن چيو ??ه عمران خان وانگر طيبه گل جي وڊيو کڻي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز اسان به ٺاهي سگهياسين پئي. اسان کي سياسي انتقام وٺڻو هجي ها ته اسان ڪڏهن جو وٺي چڪا هجون ها. هن چيو ??ه عمران خان جي آڊيو ليڪس سڀ کان وڏو انڪشاف آهي، هن سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، انهي سائفر جي ڪري هن قومي اسيمبلي تحليل ڪئي هئي، ان کي شرم نه ٿي اچي، هي جلسن ۾ بيهي آواز لڳائي ٿو. هن چيو ??ه هڪ ڪوڙي، سازشي، فارن ايجنٽ ۽ ڪشمير فروش شخص جو ڪير به ساٿ نه ڏيندو. هن چيو ??ه عمران خان هاڻي عليم خان جي آفيس تي ڇاپا هڻائي رهيو ??هي، انهي جي ڪاروبار سان عمران خان کايو ويٺو آهي، ڪجهه ته شرم ڪري. هن چيو ??ه عمران خان پنهنجي محسنن جي جنازن ۾ به شرڪت نه ٿو ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان ڪرپشن جي نالي تي سياست ڪئي، خيرات جي نالي تي سياست ڪئي، ڪوڙ جي زور تي سياست ڪئي، ملڪ سان سازش ۽ غداري ڪري سياست ڪئي، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽيون گڏجي ان جي اها راند ڪڏهن به مڪمل ٿيڻ نه ڏيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سائفر جي حوالي سان چيو ??ه اهو سياسي ڪيس نه آهي، ڪا به حڪومت هجي ان جو آئيني فرض آهي ته اها ان ڪيس جي جاچ ڪرائي. عمران خان ملڪ جي سلامتي ۽ آئين سان راند کيڏي آهي، ان جي جاچ جي ذميواري هڪ آئيني اداري کي ڏني وئي آهي، اهو پنهنجو ڪم ڪري رهيو ??هي. انهن آڊيو ليڪس جي شڪل ۾ جيڪا به حقيقت هوندي کلي سامهون اچي ويندي. هن چيو ??ه م??يم نواز پنهنجي خلاف سمورن قانوني ڪيسز جو مقابلو ڪيو، اڄ ان جو پاسپورٽ ان کي واپس ملي ويو ??هي، جيڪو نيب چار سال کان ضبط ڪري رکيو هو. هن چيو ??ه عمران خان ان خاندان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ??هي. نواز شريف پنهنجي گهرواريءَ کي موت جي بستر تي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي پاڪستان واپس آيو هو ۽ هي چوي ٿو ته نواز شريف ڀڄي ويو ??هي. هن چيو ??ه عمران خان ادارن تي ڀرپور حملا ڪيا، ٻوڏ متاث??ين جي امدادي سرگرمين دوران هيليڪاپٽر ڪريش ٿيو ??ه هن ان تي به سياست ڪئي، ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ۽ ان جي راند جو ڊرامو عوام جي آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، عمران خان کي خبر آهي ته هن ڏوهه ڪيو ??هي، ڪريمنل انويسٽيگيشن ان جي خلاف ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ??ه جن ڪيسز ۾ ايف آءِ آرز داخل ٿيون آهن، انهن جو منطقي انجام ٿي رهيو ??هي. هن چيو ??ه سيڪريسي ايڪٽ موجب ڪريمنل انويسٽيگيشن بڻجي ٿي، ان جو مينڊيٽ ايف آءِ اي وٽ آهي، عمران خان جي ٻنهي آڊيو ليڪس تي فيصلو ايف آءِ اي ڪندي. عمران خان پاڻ چيو ??هي ته ان کان سائفر جي ڪاپي گم ٿي وئي آهي، ان تي قانون موجب جيڪا سزا بڻجي ٿي ان جو تعين ان اداري جي ڪميٽي ڪندي. هن چيو ??ه اها هڪ اداري جي ڪميٽي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا سياسي مداخلت نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ??ه ان ڪميٽي جو دائرو سيڪريسي ايڪٽ ۾ موجود آهي. هڪ سوال تي هن چيو ??ه اليڪشن ڪميشن پاران ممنوعه فنڊنگ جو ڪيس آيو ??ه ان کي اسان وڌيڪ جاچ جي لاءِ ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ڇڏيو ??هي. اهڙي طرح توشه خانه جو ڪيس به ايف آءِ اي ۾ هلي رهيو ??هي، فرح گوگي ۽ عمران خان جي گهرواريءَ جي ڪيسز جي به جاچ ٿي رهي آهي، قانون موجب ان تي فيصلا ايندا. هن چيو ??ه عمران خان جهڙي طرح رياستي طاقت ۽ نيب کي استعمال ڪري سياسي مخالفن، انهن جي ڀينرن ڌيئرن کي جيلن ۾ وڌو، ان جو حساب عمران خان کي ڏيڻو پوندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه آڊيو ليڪس سياسي معاملو نه آهي، ان کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، اهي قومي سلامتي جا معاملا آهن، ان تي مناسب طريقي سان جاچ ٿيندي ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ??ه آڊيو ۾ هڪ شخص ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيو ??هي ته سائفر سان کيڏڻو آهي، ٻي آڊيو ليڪ ۾ سائفر جي متن کي منٽس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪ??ي وئي. ان سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس ۾ گهرا??ي وئي ۽ ان سيڪريٽ ڊاڪيومينٽ کي گم ڪيو ويو ??نهن بابت عمران خان پاڻ چئي رهيو ??هي ته اها گم ٿي وئي آهي. هن چيو ??ه سائفر جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي، ان تي مڪمل بحث ٿيندو. هن چيو ??ه عمران خان ان راند ۾ قومي اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي هئي، هي اهڙو شخص آهي جنهن مديني جي رياست جي نالي تي راند کيڏي، سياست جي خاطر قومي سلامتي سان کلواڙ ڪيو، ان شخص کي عبرت جون نشان بڻائڻ گهرجي. هن چيو ??ه عمران خان ڪهاڻي ۾ ٽوئسٽ آڻڻ جو چيمپيئن ۽ ماسٽر مائنڊ آهي، ان جي آڊيو ليڪ ۾ آهي ته سائفر سان کيڏڻو آهي، فارن آفيس ۾ اوريجنل سائفر موجود هجي ٿو، هن کيڏڻ جي لاءِ ان سائفر جي ڪاپي گهرائي جنهن بابت هاڻي موصوف چئي رهيو ??هي ته اها گم ٿي وئي آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه م??يم نواز عمران خان جي ظلم جو ڄمي مقابلو ڪيو ??هي، ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ??ه م??يم نواز شريف پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي، ارشد ملڪ مرحوم جي آڊيو ??ه سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ??ه اڄ اهو ڏينهن اچي ويو ??هي ته عمران خان هڪ هارايل ناڪام ۽ ڪوڙي شخص جي تصوير آهي، مريم نواز هڪ بهادر عورت آهي جنهن عمران خان جي سياسي انتقام جو مقابلو ڪيو. هڪ سوال تي هن چيو ??ه عمران خان قومي مفادن کي نقصان پهچايو، ممنوعه فنڊنگ جي سمورن ڪيسز جي جاچ ٿي رهي آهي، انهن ۾ قانون موجب سزا ڏني ويندي. لانگ مارچ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان سائفر جهڙو ڳجهو دستاويز چوري ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويو ??يڪو ان کان گم ٿي ويو ??هي، اڳ ۾ ان جو جواب ڏي ان کانپوءِ لانگ مارچ جا اعلان ڪري.
عمران خان جيڪڏهن ادارن کي چوڪيدار چئي رهيو آهي ته ادارا قومي دفاع ۽ قومي سلامتي جا محافظ آهن، توهان جي اقتدار ۽ ڪرسيءَ جا نه: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha