اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پي اي?? اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن ??ي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بهاو الدين ذڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي سلمان صوفي جي سربراهي ۾ پي اي?? اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن ??ي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ريفارمز تحت اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ليڊي ريلوي پوليس فورس جي اهلڪارن ??ون ٽيمون ٽر??ن اسٽيشنن تي مقرر ڪيون وينديون، ان کانسواءِ عورت مسافرن ??ي رهنمائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ”سفر سهيلي“ موبائيل اي?? لانچ ڪئي ويندي جڏهن ته پرنٽ ٿيل ٽڪيٽن تي اي?? ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جون هدايتون هونديون ۽ گڏ ئي ٽڪيٽن تي اي??رجنسي نمبر به پرنٽ ڪيو ويندو. ڊگهي سفر لاءِ ريلوي اسٽيشنن تي اي?? آر پي اي?? جي عملي (هڪ عورت سب انسپيڪٽر ۽ 2 عورت ڪانسٽيبل) جون ٽيمون جوڙيون وينديون ۽ ٽر??نن ۾ مسافرن ??ي تعداد موجب ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽر??نن ۾ اي??رجنسي SOS بٽن نصب ڪيا ويندا، وڌيڪ پاڪستان جي سمورين ريلوي اسٽيشنن تي پوسٽرز، پمفلٽ، هينڊ بلز ۽ اعلانن جي ذريعي عورتن جي حفاظت لاءِ باقاعده آگاهي پروگرام فوري طور تي منعقد ڪيا وڃن، ان کي ا??يڪ??رانڪ طور تي به نشر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ وڊيو سرويلنس سسٽم (VSS) لڳائڻ سمورين ريلوي اسٽيشنن تي حساس ماڳن تي لڳايو ويندو، سي سي ٽي وي ڪئميرائون هر بوگي ۾ (ڪوريڊوز ) ۾ لڳايون يونديون ان کانسواءِ فيس ريڪگنشن ڪئميرا اي?? تيا?? ڪئي ويندي جيڪا چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي جوابدارن ۽ ان جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽر??س ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته آئوٽ سورس ٽر??نن جو ٺيڪو ڏيڻ کان پهرين، مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار بابت ايجنسين – خصوصي شاخ کان ڪليئرنس حاصل ڪئي وڃي، وڌيڪ پرائيويٽ ڪمپنين کي پهرين کان ڏنل معاهدن جو جائزو ورتو ويندو ۽ مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار جي جاچ بابت ايجنسين/ خصوصي يونٽس جي ذريعي ڪئي ويندي، گڏ ئي سڀني ٽر??نن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا.
وزيراعظم جي هدايت تي پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت