اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جمهوري طريقي ۽ سياسي بحران پارلياماني جمهوريت جو حصو آهي تنهن هوندي به موجوده بي اعتمادي ٻاهرين سازش آهي، فيصلو ڪيو آهي ته ان سازش جو دستاويزي ثبوت سينئر صحافين کي ڏيکارينداسين جڏهن ته اڻڄائي ان سازش جو حصو بڻجندڙ اتحادين جي نمائندن کي به اها دستاويزي ثبوت ڏيکارينداسين، ميمبر جيڪو فيصلو چاهين ڪن پر اهو ضرور سوچين ته هو پاڪستان جي خلاف ڪنهن عالمي سازش جو حصو نه بڻجي وڃن، اي پاسپورٽ پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ ۽ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ هڪ وڏي سهولت هوندي، پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار سياحت تي آهي، اسان سياحت کي صنعت جو درجو ڏنو آهي، اسلام آباد ۾ اي پاسپورٽ جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان گهرو وزير ۽ نادرا کي ان سهولت جي آغاز تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، ان سان ڪر??شن جو خاتم?? ٿيو، شوڪت خانم اسپتال ۾ 22 سال اڳ اسان سڄو نظام پيپر ليس ڪر?? ڇڏيو هو، ان سان اسپتال ۾ دوائن يا ٻي ننڍي وڏي ڪر??شن ۾ نمايان گهٽتائي آئي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هڪ پيٽي ڪر??شن هوندي آهي ۽ ٻي وڏي پئماني تي ڪر??شن آهي، جيئن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ 2013 جي مقابلي ۾ 2021ع ۾ بڻجندڙ موٽر ويز جي في ڪلوميٽر لاڳت 23 ڪروڙ روپيا گهٽ هئي، اهڙي طرح هڪ هزار ارب روپين جي ڪر??شن ڪئي وئي، اي ٽينڊرنگ سان ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ جو ??ورهيت طبقو جيڪو ٻاهرين ملڪ وڃي محنت ڪندو آهي ۽ ان جي موڪليل ناڻي مان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ درآمدات ۽ برآمدات ۾ ايندڙ فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. هلندڙ سال پرڏيهي پاڪستانين 31 ارب ڊالر جو رڪارڊ مٽاسٽا جو ??اڻو موڪليو، انهن پرڏيهي پاڪستانين يک جيتري سهولت ڏني وڃي گهٽ آهي، هن چيو ته اي پاسپورٽ محفوظ به آهي ۽ ان سان وقت جي بچت ۽ وڌيڪ سهولت ميسر اچڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي سياحت کي فائد?? ٿيندو، پاڪستان جي مستقبل لاءِ سياحت جو ڪردار انتهائي اهم هوندو، درآمدات ۽ برآمدات ۾ ايندڙ رڪاوٽ مٽاسٽا جو ??اڻو ۽ سياحت سان ختم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اها خوش قمستي آهي ته هن کي هر قسم جي سياحت جو ??رڪشش مرڪز جو ??قام حاصل آهي، اسان سياحت کي صنعت جو درجو ڏنو، ريزارٽ بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، ڇو ته سياحن جي ان ريزارٽ ۾ قيام سان پاڪستان کي سرمايو حاصل ٿيندو، اسان اسڪردو کي عالمي هوائي اڏو ٺاه?? ڇڏيو ڇو ته موسم جي خرابي جي ڪري اسلام آباد کان اسڪردو ۽ گلگت ويندڙ اڏامون ڪيترن ئي ڏينهن جي دير جو شڪار ٿي وينديون آهن جنهن سان موڪلون ملهائڻ ايندڙ ماڻهن جو ??قت ضايع ٿيندو هو، اسڪردو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان هاڻي سڌو سنئون اڏامون اينديون. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ ۾ ايترا موقعا ۽ صلاحيت آهي ته هي ڪٿان کان ڪٿي پهچي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته پارلياماني جمهوريت ۾ سياسي بحران ايندا رهندا آهن ۽ بي اعتمادي رٿ هڪ جمهوري عمل آهي پر موجوده عدم اعتماد جي رٿ ٻاهرين سازش آهي، جيڪي ماڻهو ٻاهر جي ملڪن کان هڪ ٽيليفون ڪال تي پوري ملڪ کي ڪنٽرول ڪندا هئا اهي ماڻهو اهو قطعي برداشت نٿا ڪري سگهن ته اهڙي قيادت اچي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري، هن چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ملڪ جو ??ڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، قبائلي علائقن کان 35 لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪئي، هتي ڊرون حملا ڪيا ويا تنهن هوندي به ان جو سبب نه پڇيو ويو، ڪنهن ٻي ملڪ کي فائدو پهچائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي مفاد جو سودا ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي ۾ پنهنجي ملڪ جي مفاد کي مٿانهون رکيو ويندو آهي، عدم اعتماد جي سازش جي دستياويزي ثبوت سينئر صحافين کي ڏيکارڻ جو ??يصلو ڪيو آهي ته جيئن قوم کي حقيقتون معلوم ٿين، پنهنجي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ اهي ثبوت ڪنهن کي نه ڏيکاري رهيا هئا تنهن هوندي به اهي شڪ پيدا ڪيا پئي ويا ته اهو ڪو ڊرامو ۽ راند آهي، ان لاءِ اهي ثبوت چوٽي جي صحافين کي ڏيکارڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، ان کانسواءِ اڻڄاڻائي ۾ ان سازش جو ??صو بڻجندڙ اتحادي پارٽين جي هڪ هڪ نمائندي کي به اهو ثبوت ڏيکاريندس، اها سازش جيتري اسان چئي رهيا آهيون ان کان وڏي آهي، هن چيو ته ميمبرن کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ڪري پر اهو ضرور سوچين ته هو پاڪستان جي خلاف ڪنهن عالمي سازش جو حصو نه بڻجي وڃن، وزيراعظم ان موقعي تي اي پاسپورٽ جو افتتاح به ڪيو، گهرو وزير شيخ رشيد احمد تقريب ۾ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي.
بي اعتمادي رٿ جمهوري طريقي ۽ سياسي بحران پارلياماني جمهوريت جو حصو آهي تنهن هوندي به موجوده بي اعتمادي ٻاهرين سازش آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ