اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ??يبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، قبائلي علائقن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، فاٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي چڱن م??سن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن قبائلي چڱن م??سن جو پارليامينٽ هائوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته قبائلي عو??م جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته ??تي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، ه?? چيو ته ??سان فاٽا جي ترقي کي پوري پاڪستان جي ترقي سمجهون ٿا، قبائلي چڱن م??سن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، ه?? چيو ته قبائلي ضلعن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، فاٽا جي ترقي ۽ بحالي جي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته ??يئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.
خيبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ