اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون وا??ي وزير، پارليام??ني معاملن وا??ي صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وا??ي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارليام??ني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قانون وا??ي پارليام??ني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز