اسلام آباد – 03 ج??لا??ِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته جمشيد مارڪر مرحوم تجربيڪار سفارتڪار هو، ڏکين چئلينجن کي حل ڪرڻ بابت سندس صلاحيتن جو عا??مي سطح تي اعتراف ڪيو ۽ ساراهيو وڃي ٿو، مرحوم ملڪ جو ناليوارو سفارتڪار هو جنهن پاڪستان جي قومي مفاد کي فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي سفارتڪار کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ج?? لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي خاص مهمان هو. پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون مهمانن جي آجيان ڪئي جن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر س??دا?? مسعود خان، ڪابينا ميمبر، سفارتڪار ۽ اڳوڻا سفير شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ