اوڪاڙه – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آه?? ته 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، تربيلا، نيلم جهلم ۽ ٻين بجلي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آه??، 960 ميگاواٽ جو نيلم جهلم جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿيندو، نواز شريف ڪنهن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کانسواءِ ڪنهن موٽرويز تي ڌيان نه ڏنو، سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ڪم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوڪاڙه ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جو جوش 2013ع جو منظر ياد ڏياري رهيو آه??، آئون اوڪاڙه سان ۽ اوڪاڙه جي عوام مون سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ديپالپور فلائي اوور جي ??عم??ر ۽ سوئي گئس جي فراهمي، رستن جي ??عم??ر ۽ مرمت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ديپالپور فلائي اوور جي ??عم??ر تي 74 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندو جڏهن ته رستن جي ??عم??ر ۽ مرمت تي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا.
2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : رومن دولت