اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪنسوريشم فار انويسٽيگيٽو جرنلسٽ (آءِ سي آءِ جي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي حوالي سان پنهنجي صحافتي غلطي کي مڃيندي ان جي تصحيح ڪري ??ڏي آهي ۽ ان حوالي سان وضاحتي بيان پڻ جاري ڪيو آهي. ناليواري مقامي اردو اخبار جي اربع ڏينهن شايع ٿيل خبر موجب آءِ سي آءِ جي پنهنجي ويب سائيٽ ت?? پنهنجي غلطي جي تصحيح ڪئي آهي ته آف شور ڪمپنين ۾ نواز شريف جو نالو نه آهي. انٽرنيشنل ڪنسوريشم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽ (آءِ سي آءِ جي) جن??ن پاناما پيپرز جو انڪشاف ڪيو هو ۽ جن??ن ۾ آف شور ڪمپنين ج?? تفصيل هئا هن پنهنجي سمورين خبرن مان وزيراعظم نواز شريف جو نالو ڪڍي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ان جي اڳوڻين خبرن بعنوان دي پاور پليئر اينڊ جائنٽ ليڪ آف افشور فنانشل رڪارڊ ايڪسپوزس گلوبل اري آف ڪرائم اينڊ ڪرپشن – آءِ سي آءِ جي جو اڳ ۾ چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف آف شور ڪمپنيون هلائي ٿو جڏهن ته هاڻي آءِ سي آءِ جي وضاحت جاري ڪري ??ڏي آهي ته ايڊيٽنگ جي غلطي سبب خبر ۾ هڪ جملو غلط هليو ويو جن??ن مان مراد هئي ته پاڪستان جو وزيراعظم آف شور ڪمپنيون هلائي ٿو، اها ڳالهه پاناما پيپرز فائلن ۾ سامهون آئي هئي جڏهن ته آف شور ڪمپنيون سندس ٻار هلائين ٿا. اخبار موجب آءِ سي آءِ جي جي ويب سائيٽ وضاحت جاري ڪري ??ڏي ته حسن ۽ حسين نواز جا نالا 21 اپريل 2016ع تي اپ ڊيٽ ڪيا ويا. رپورٽ موجب اها اڳڀرائي ظاهري طور (ن) ليگ جي پارليامينٽ ميمبر دانيال عزيز پاران آءِ سي آءِ جي کي ڏني ويندڙ شڪايت کانپوءِ سامهون آئي. هن پنهنجي شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته وزيراعظم جي ذڪر ۾ غلطي ڪئي وئي ۽ حقيقتن کي نظرانداز ڪندي غلط تاثر پيش ڪيو ويو. آءِ سي آءِ جي مٿي ڏنل تاريخ تي پنهنجي ويب سائيٽ اپ ڊيٽ ڪري سموريون غلطيون ٺيڪ ڪري ڇڏيون.
آءِ سي آءِ جي وزيراعظم جي حوالي سان صحافتي غلطي جي تصحيح ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria