بيجنگ -27 نومبر (اي پي پي) چين جي حڪومت دفاع واري وزير ڊونگ جون خ??اف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونگ جون چين جو ٽيون دفاع وارو وزير آهي جيڪو ڪرپشن جي ا??زامن تي جاچ هيٺ آيو آهي. صورتحال کان واقف موجوده ۽ اڳوڻي آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز چيو آهي، ته ڊونگ خ??اف جاچ فوجي بدعنواني خ??اف چين جي حڪومت جي وسيع تر جاچ جو حصو آهي، ڊونگ جون اڳوڻو سامونڊي ڪم??نڊ?? آهي جنهن کي گذريل سال ڊسمبر ۾ لي شنگ فو جي جاءِ تي دفاع جو وزير بڻايو ويو هو. لي شنگ فو وٽ اها وزارت رڳو 7 مهينا هئي ۽ کيس ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي حڪمران ڪميو??سٽ پارٽي مان ڪڍيو ويو هو. بيجنگ گذريل سال دوران هٿياربند فوج ۾ مبينه بدعنواني خ??اف ڪريڪ ڊائون کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي،هن مهيني صدر شي جن پنگ فوج ۾ بدعنواني جي خاتمي ۽ پنهنجي جنگي تياري کي مضبوط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چين جي ڳجهي ر??ڪي?? فورس جيڪا چين جي روايتي ۽ ايٽمي ٻنهي طرح جي اسٽريٽجڪ ميزائلن جي وسيع هٿيارن جي نگراني ڪندي آهي کي خاص طور تي سخت جاچ پڙتال جو منهن ڏسڻو پيو. جولاءِ ۾ ر??ڪي?? فورس جي هڪ اعليٰ چيني ا??لڪار سن جن منگ کي حڪمران ڪميو??سٽ پارٽي مان ڪڍيو ويو هو، کيس بدعنواني، پارٽي نظم و ضبط ۽ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ا??زام ۾ جاچ هيٺ رکيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونگ جون بابت پڇاڻو ڪرڻ تي نه ته بيجنگ جي پرڏيهي وزارت ۽ نه ئي واشنگٽن ۾ سندس سفارتخاني ڪو جواب ڏنو آهي.
چين جي حڪومت پاران دفاع واري وزير ڊونگ جون خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری