پيانگ يانگ _ 9 آڪٽوبر (اي پي پي )اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جو??گ ان چيو آهي ته سندس مل?? ايٽمي ه??يارن سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف تيزي سان قدم وڌائيندو ۽ دشمن جي حملي جي صورت ۾ انهن جي استعمال کان پاسو نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جو??گ ان هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول جو نالو کڻي کيس خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ ان حقيقت تي روشني وڌي ته ڏکڻ ڪوريا وٽ ته مناسب اسٽريٽجڪ هٿيار به ناهن. اتر ڪوريا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي خطاب ۾ ڪم جو??گ ان چيو ته سچ پڇو ته اسان جو ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪرڻ جو قطعي ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته جڏهن به اسان فوجي طاقت جي استعمال بابت پنهنجو موقف بيان ڪيو ته واضع طور تي ۽ مستقل جيڪڏهن ڪو لفظ استعمال ڪيو ته جيڪڏهن دشمن اسان جي مل?? خلاف طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته فوج بنا ڪ??هن هٻڪ جي سموري جارحاڻي طاقت استعمال ڪندي .ايٽمي ه??يارن جي استعمال کي به نه روڪيو ويندو. هن چيو ته فوجي سپر پاور ۽ ايٽمي طاقت بڻجڻ طرف اسان جو قدم تيز هوندو. ياد رهي ته اتر ڪوريا ڪ??ترن ڏهاڪن کان ايٽمي ه??يارن جو پروگرام هلائي رهيو آهي ۽ خيال ڪيو پيو وڃي ته ان مل?? وٽ ايٽمي ه??يار ٺاهڻ لاءِ تمام گهڻو ايٽمي مواد موجود آهي . هن زمين هيٺ 6 ايٽمي ڌماڪا به ڪيا آهن.
اتر ڪوريا ايٽمي هٿيان سان گڏ فوجي سپر پاور بڻجڻ طرف گامزن
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena