رياض-05جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪنگ فه?? يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگ فه?? يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز جي پروجيڪٽ ۾ شريڪ شاگرد علم حسين عندس ٻڌايو ته گروپ ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 6 شاگرد شريڪ ٿيا، جن جي گڏيل ڪوششن سان اهو ڊرون تيار ڪي?? ويو. پروجيڪٽ مختلف شعبن تي مشتمل هو جن ۾ صنعتي انجينئرنگ، اليڪٽرو ميڪينيڪل، سول انجنيئرنگ ۽ ايئر اسپيس اينڊ ايوي ايشن شامل هئا.هن ٻڌايو ته ڊرون جي تياري ۾ چئن مهينن جو وقت ??ڳو جنهن ۾ انتهائي حساس ڪئميرا، بيٽري، ا??پي??رز، لائٽنگ ۽ بيٽري چارجز جو استعمال ڪي?? ويو آهي. ڊرون جي اها خاصيت آهي ته ان کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت جي ضرورت آهي، ڊرون جا ڪيترائي فنڪشن آٽوميٽڪ آهن. ڊرون هڪ ڀيرو چارج ڪري وڌيڪ دير تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، شاگردن پروجيڪٽ جي تياري ۾ ڪنگ فه?? يونيورسٽي آف پيٽروليم اينڊ منرلز ۽ ريسرچ اينڊ ڊفينس اسٽيڊيز شهزاده سلطان سينٽر پاران ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
سعودي عرب جي ڪنگ فهد يونيورسٽي جي شاگردن جديد ڊرون تيار ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب