اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو ??هي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۽ نواز شريف جي ويزن تحت پوري دنيا ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳتي وڌ??يو آهي، اسان خطي جي پاڙيسري ملڪن کي ڏسندي نئين سر علائقائي درجابندي ڪئي آهي، چين سان اسان جي لاڳاپن ۾ معاشي گهرائي آئي آهي، ان جا ڪيترائي اسٽريٽجڪ فائدا آهن جنهن سان ا??ندڙ سالن ۾ پاڪستان کي فائدو ٿيندو، قومي اسيمبلي ۾ دفاع بابت ڪٽوتي جي رٿ تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان اسان جي لاڳاپن ۾ سگهه آئي آهي، ان جي نتيجي ۾ ڪاسا ون 1000 ۽ تاپي جهڙن منصوبن ۾ تيزي آئي ۽ جيڪڏهن ا??غانستان ۾ امن آيو ته اهي جلد مڪمل ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال