راولپنڊي ??? 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي اقامي ??ي جيڪو پئمانو رکيو ويو هو اهو نيازي سروسز لميٽيڊ جي ل??ءِ ڇو نه رکيو ويو، جڏهن قانون جا ٻه پئمانا هجن ته آواز ته ايندا، عمران خان جي فيصلي پاناما ڪيس ۾ اختيار ڪيل پئماني جي نفي ڪري ڇڏي آهي. اه??ن خيالن جو اظهار مملڪتي ??زير مريم اورنگزيب راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪلرز آف ڪوريا جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ تصويري نمائش جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو بيان آيو اهو پاڪستان جي عوام ۽ سول سوسائٽي جي آواز سبب آيو، 28 جولاءِ جي فيصلي جا اثر پوري قوم ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن چونڊيل حڪومت کي سسيلين مافيا چيو ويندو ته عوامي ردعمل فطري آهي. هن چيو ته تاريخ جي ڏس ۾ ڏسو جڏهن ادارن تي ??ريشر پيو ته نظريه ضرورت به سامهون آيو، پنهنجي دفاع ۾ ڳالهه ڪرڻ ادارن سان ٽڪراءُ ناهي هوندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي نواز شريف جي نالي تي ??وٽ ملي ٿو.
نواز شريف لاءِ جيڪو پئمانو رکيو ويو اهو نيازي سروسز لاءِ ڇو نه رکيو ويو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز