ڪراچي – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي، حڪومت نه رڳو 10 هزار ميگاواٽ توانائي جا منصوبا شروع ڪيا پر انهن کي وقت سر مڪمل ڪيو، توانائي جي ڪيترائي منصوبا پ??اڻ?? جي ويجهو آهن، هاڻي بجلي وڏي مقدار ۾ ملي رهي آهي، حڪومت اهم قدم کڻندي گئس بحران تي ضابطو ??ند??، آمريت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ سدائين ناڪام رهي ۽ آمراڻا دور ڪڏهن به ملڪ جي مستقبل جي مفاد ۾ ناهن رهيا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽر??ينل لميٽيڊ (پي آءِ بي ٽي) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي آءِ بي ٽي ملڪ جو ڪوئلي، ڪلنڪر ۽ سيمينٽ جي چرپر لاءِ پهرين ٽر??ينل آهي جيڪو پورٽ قاسم تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن تي 285 ملين ڊالر جي لاڳت آئي آهي ۽ هيستائين ڪوئلي جا 12 بحري جهاز لنگر انداز ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جمهوريت جي حل ۾ فيصلو ڏيڻ تي پاڪستاني عوام کي ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته ترقي جي سفر لاءِ جمهوري عمل جو تسلسل ضروري آهي.
ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوريت ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق