اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل سان وزيراعظم محمد نواز شريف 2018ع جي چونڊن تائين پاڪستان جو وزيراعظم رهندو، پاناما ڪيس جي فيصلي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻا??ران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اعليٰ عدالت طرفان 3 ۽ 2 ججن جي راءِ تحت فيص??و ٻڌايو ويو آهي، اسان الله تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي، هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان 6 مهينا پهريون اهو خط لکيو ويو هو ته پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائي وڃي ۽ اڄ اعليٰ عدالت به اهو فيص??و ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل انويسٽيگيشن ڪميشن جوڙي وڃي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد