ڪوئيٽا – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته صحت پروگرام جو مقصد غريبن کي ع??اج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، اڄ عوامي خدمتن جي سفر جو هڪ سنگ ميل عبور ڪيو پيو وڃي، هڪ هڪ شهري کي سهولت فراهم ڪرڻ تائين اهو سفر جاري رهندو. گورنر هائوس ۾ ڪوئيٽا جي مستحق خاندانن ۾ صحت ڪارڊ ور??ائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اس??يم تحت موذي خطرناڪ بيمارين جو مفت علاج ٿيندو، هاڻي ڪنهن غريب کي پنهن??ي علاج جي لاءِ پنهنجي گهر جو سامان وڪڻڻو نه پوندو. مستحق ماڻهن جا انگ اکر بي آءِ ايس پي ۽ نادرا کان حاصل ڪيا ويا. آئون عوام جي ان کان به وڌيڪ خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ امن امان ٿئي، بدامني جي ماحول ۾ روزگار جا موقعا نه ٿا ملن، اسان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيا آهن، ملڪ کي بدعنواني کان پاڪ ڪرڻو آهي ته جيئن ڪا مافيا عوام جي مفاد سان نه کيڏي.
صحت پروگرام جو مقصد غريبن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت