دبئي-24 ڊسمبر (اي پي پي )دبئي ۾ نئي?? سال جي جشن جون تياريون مڪ??ل ڪيون ويون آهن .اي پي پي موجب نئي?? سال جي موقعي تي دبئي ۾ برج خليفه سميت 36 هنڌن تي آتش بازي جا مظاهرا ٿيندا. 2024 جي آخري ڏينهن ۽ 2025 جي استقبال جي جشن لاءِ سيڪورٽي انتظام به مڪ??ل ڪيا ويا آهن. انتظاميه پاران جن هنڌن تي آتشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا اتي ماڻهن جي آمد و رفت ۽ حفاظت لاءِ به انتظام ڪيا ويا آهن جن هنڌن تي آتشبازي جا مظاهرا ڪيا ويندا انهن ۾ برج خليفه، دبئي فريم ، اڪسپو وليج،، جميرا بيچ ، بلو واٽر ، دابيچ جي بي آر ، دبئي پارڪس اينڊ ريزروٽ ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن . آتشبازي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ خانگي سيڪورٽي سروسز جي ادارن جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن ته جيئن اتي آيلن کي ڪنهن به قسم جون مش??لاتون درپيش نه اچن ?? جشن مان مڪ??ل طور تي لطف اندوز ٿي سگهن. انتظاميا مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو جشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سيڪورٽي اهلڪار?? سان تعاون ڪن ته جئين مڪ??ل امن امان جي فضا ۾ خوبصورت جشن مان لطف اندوز ٿي سگهن.