واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد ش??خ گذريل ڏينهن وڌيڪ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، انهن م??اقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان م??جب آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن م??مبر رچ ميڪ ڪارمڪ سان م??اقات ۾ پاڪستاني سفير پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان م??قعي تي اقتصادي تعاون ۽ سيڪيورٽي تعاون جون راهون وڌائڻ تي ڌيان ??نو ويو. ڪانگريس جي ڊيموڪريٽ ميمبر جيسمين ڪروڪٽ سان م??اقات ۾ سفير رضوان سعيد شيخ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير 2025ع ۾ ٽيڪساس جي هڪ واپاري وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جنهن کي جيسمين ڪروڪٽ اصولي طور تي قبول ڪري ورتو. سفير رضوان سعيد شيخ ۽ ڪانگريس جي ريپبلڪن م??مبر ارل بڊي ڪارٽر سان م??اقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهين کانسواءِ اقتصادي ميدان ۾ رياست جارجيا سان تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو، پاڪستاني سفير ريپبلڪن م??مبر نيل ڊن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ فلوريڊا س??ن واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت تي تعاون کي وڌائڻ تي به خيالن تي به ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي واشنگٽن ۾ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون، سيڙپڪاري، واپار سميت گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی