گڏيل قومون-16 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ڪيوبا سان سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،رائٽرز موجب گڏيل قومن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي مستقل نمائندي يهوان جون ڪوڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن ۾ ٻنهي ملڪن جي مستقل نمائندن 14 فيبروري تي ??مريڪا ۾ ملاقات ڪئي ۽ سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ باضابطا لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن موجب ڪيو ويو آهي،ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڪيوبا سان ??ڳا??ن جو قيام مرڪزي ۽ ڏکڻ آمريڪا سان سفارتڪاري کي ??ضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اهم موڙ ثابت ٿيندو ۽ اسان جي ملڪ جي سفارتي ??ائره ڪار کي ??ڌيڪ توسيع ڏيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي حڪومت ڪيوبا جي حڪومت سان گڏجي گڏيل سفارتي مشن جي قيام سميت ٻين قدمن لاءِ سهڪار ڪندي. واضع ريه ته ڪيوبا 1994 ۾ ڏکڻ ڪوريا کي تسليم ڪيو هو جڏهن ته 1959 جي ڪيوبا انقلاب کان پوءِ ٻه طرفا لا ڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا ??ئا.
ڏکڻ ڪوريا جو ڪيوبا سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ