بيجنگ-19 جنوري (اي پي پي)چين جي نائب وزيراعظم هي ليفنگ سان اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ چين ??ار برگ پنڪس جي چيئر مين ٽموٿي گيٿنز بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين آمريڪا لاڳاپا، چين جي معيشت،ڪيپٽل مارڪيٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ميڊيا رپورٽن موجب چين جي نائب وزيراعظم چيو ته چين جي معيشت اعلي معيار جي ترقي ۽ روشن امڪانن ۾ اڳڀرائي سان بحالي واري رفتار کي برقرار رکيو آهي، جڏهن ته چين ٻين ملڪن لاءِ ??ابنديون ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو،هن چيو ته اسان ??ار برگ پنڪس جي چين جي ڪيپٽل مارڪيٽ جي تعمير ۾ حصو وٺڻ ۽ ترقي وارن موقعن ۾ شراڪت داري جي آجيان ڪيون ٿا، ان موقعي تي ٽموٿي گيٿنز چيو ته ??ار برگ پنڪس چين ۾ 30 سالن کان آهي ۽ چين ۾ سڀ کان قديم عالمي اثاثي واري سيڙپڪار ڪمپني آهي، هن وڌيڪ چيو ته ??ار برگ پنڪس چيني مارڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual