پيرس-03 جنوري (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون اسرائيل کا?? مطا??بو ??يو آهي ته هو لبنان سان ڇِڪتاڻ کا?? پاسو ڪري. الجزيره موجب لبنان جي گاديءَ واري شهر بيروت تي اسرائيل جي ڊرون حملي ۾ صالح العروري جي مارجڻ وڃڻ بعد فرانس جي صدارت اسرائيل جي دفاع واري وزير کي فون ڪيو. فرانس جي صدر اسرائيل کا?? مطا??بو ??يو آهي ته هو خاص طور تي لبنان ۾ ڪنهن به قسم جي شدت پسنداڻي رويي کا?? پاسو ڪري. فرانس جي صدر اسرائيل جي دفاع واري وزير کي به ٻُڌايو ته فرانس اهو پيغام علائقي ۾ جاري تڪرار بابت سڌي يا اڻ سڌي ريت شامل سمورين ڌُرين کي پهچائي رهيو آهي. فرانس جي صدر ان موقعي تي جٽادار جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ??يو ۽ غزه ۾ شهرين جي وڌندڙ فوتگين تي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ