لنڊن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) شهزاده هي??ي کي مبينه طو?? تي چيو ويو آهي، ته جيڪڏهن هو شاهي رهائش??اه?? ۾ رهڻ چاهي ته کيس بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن مطابق 39 ورهين جي هي??ي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ خيراتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لن??ن ويو ته کيس ونڊ سر محل ۾ ترسڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. شهزاده هي??ي کي 7 سيپٽمب?? تي اولهه لنڊن جي علائقي چيلسي ۾ ٿيل ساليانو ويل چائلڊ ايوارڊز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا هن سال ملڪه الزبٿ جي وفات جي ورسي جي شام جو منعقد ٿيڻي هئي. دي ٽيليگراف جي رپورٽ مطابق جڏهن اهو واضح ٿي ويو ته هي??ي ۽ چارلس جيڪي ان وقت بالمورل محل ۾ هئا ان دوري تي ملاقات نه ڪري سگهيا ته شهزادي پڇيو ته ڇا هو ونڊ سر محل ۾ رهي سگهن ٿا. هن ونڊ سر ۾ سينٽ جارج چيپل ۾ پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي قب?? تي وڃڻ جي اجازت به گهري جتي هو 8 سيپٽمب?? تي ويو هو. جڏهن ته شاهي محل مبينه طو?? تي هي??ي جي آخري وقت ۾ ترسڻ جي درخواست منظور ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.
شهزاده هيري کي شاهي رهائشگاهه ۾ ترسڻ لاءِ بڪنگهم پئلس کي اڳواٽ نوٽيس ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔