پيرس -20 جون (اي پي پي)سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پيرس ۾ ايڪسپو 2030ع جي ميزباني لا??ِ نامزدگي جي حوال?? سان سعودي عرب جي سرڪاري آجياڻي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سعودي خابرو اداري مطابق بيورو انٽرنيشنل ڊيس ايڪسپوزيشنز جيڪو اها نمائش منعقد ڪري رهيو آهي، ان جي 179 ميمبر ملڪن جي نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. خابرو اداري مطابق اها آجياڻي واري تقريب ??يڪسپو جي ميزباني لا??ِ ملڪن جي نامزدگي جي طريقيڪار جو هڪ اهم حصو آهي. ان جو مقصد عالمي ايونٽ جي ميزباني لا??ِ رياض جي تياري ۽ رٿابندي کي اجاگر ڪرڻ آهي. ياد رهي ورلڊ ايڪسپو 2030ع جي ميزبان ملڪ جي چونڊ لا??ِ ووٽنگ هن سال نومبر ۾ ٿيندي. ايڪسپو 2030ع جي ميزباني جي ڊوڙ ۾ سعودي عرب سان ڪورين سٽي پوسان، يوڪرين جو شهر اوڊيسا ۽ اٽلي جو شهر روم ش??مل آهن. رياض ايڪسپو 2030ع لا??ِ پهرين آڪٽوبر 2030ع جي تاريخ تجويز ڪئي وئي آهي جيڪا مارچ 2031ع تائين جاري رهندي.
سعودي ولي عهد جي ايڪسپو 2030ع جي ميزباني جي حوالي سان سرڪاري آجياڻي تقريب ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں