ڪيف-03 جنوري (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولوديمير زيلنسڪي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته 2024ع دوران ڀڄي ويل يوڪرين فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، ت??هن هوندي به اونهاري جي مند کا??پوءِ ان رجحان ۾ گهٽتائي آئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ان رجحان جو سبب جنگ جي ڊيگهه جي ڪري فوجين جو ٿڪجي وڃڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان رجحان جو هڪ ٻيو سبب ملڪ ?? ريزور فوجين ۽ ا??هن جي سپلائي جي کوٽ پڻ آهي، ان کا?? اڳ دفاعي رپورٽون شايع ڪندڙ آمريڪي ميگزين چيو ته هن وقت تائين هڪ لک کا?? وڌيڪ يوڪرين جا فوجي ڀڳوڙا ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنگ جي ٽئين سال جي ويجهو پهچندي ئي ڪجهه يوڪرين جا فوجي ٿڪجي چڪا آهن ۽ ڪجهه جا حوصلا ڪمزور ٿي چڪا آهن، ڪجهه فوجي مبينه طور تي طبي بنيادن تي موڪل وٺندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن واپس ناهن ايندا، جڏهن ته ٻين پنهنجي ڪمانڊرن کي ويڙهه س??ب عين جنگ دوران پنهنجون پوسٽون ڇڏي ڏيندا آهن، رپورٽ ۾ اهڙي ئي هڪ يوڪرين جي فوجي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هن سرجري لاءِ فوج کا?? ميڊيڪل بنيادن تي موڪل ورتي هئي پر ان کا??پوءِ هن پنهنجي زندگي جي حفاظت لاءِ فوج ۾ واپس نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو، يوڪرين جي فوجين کي هر 6 مهينن کا??پوءِ 10 ڏي??هن تائين جي موڪل وٺڻ جي اجازت آهي پر افرادي قوت جي کوٽ سبب اڪثر وقت فوجي اهلڪارن کي 6 مهينن کا??پوءِ به اها موڪلڻ وٺڻ ۾ دير يا انڪار کي م??هن ڏيڻو پوندو آهي. ڄاڻايل فوجي اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جنگ جي صورتحال اها اهي ته روس طرفان 50 گولن جي جواب ۾ اسان طرفان هڪ گولو فائر ڪيو ويندو آهي، اسان روسي گوله باري جي نتيجي ۾ پنهنجي ساٿين جي جسم جا ٽڪرا ڏسندا آهيون ۽ اهو محسوس ڪندا آهيون ته ڪ??هن به وقت اسان سان به ايئن ٿي سگهي ٿو. فوج جي ملازمت ڇڏيندڙ اهلڪارن جو چوڻ هو ته سندن تاثر موجب روس خلاف جنگ جي قيادت کي پاڻ به پنهنجي فتح جي خاطري ناهي ۽ نه ئي ان جنگ جي ڪا پڄاڻي نظر اچي رهي آهي. اهڙي صورتح??ل ۾ فوجين لاءِ ملڪي دفاع لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ جي فيصلي جو جواز ڳولڻ نفسياتي طور تي مشڪل ٿي رهيو آهي.
گذريل سال دوران ڀڄي ويل فوجين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي: يوڪرين جو صدر
مضمون کا ماخذ : números dupla sena