ماسڪو – 01 جنوري (اي پي پي ) تيل جي پيداوار ۽ روانگي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم او??يڪ پلس تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ان جي پيداوار ۾ 2.2 ملين بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان ڪ??و آهي. اوپيڪ جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيل تيل جي پيداوار جي بحالي جي نئين شيڊول مطابق پيداوار ?? اضافي ج?? منصوبو اپريل 2025ع کان سيپٽمبر 2026ع جي آخر تائين لاءِ آهي. تنظيم 8 ميمبر ملڪن تيل جي پيداوار ۾ 2024ع جي شروعات کان 2.2 ملين بيرل روزانو ڪٽوتي تي عمل ڪيو آهي ج?? مان روس، سعودي عرب، الجزائر ، عراق ، قازقستان ، ڪويت ، گڏيل عرب امارات ۽ اومان شامل آهن . او??يڪ پلس جي ميمبر ملڪن آڪٽوبر 2024 ع تائين پابنديون هٽائڻ ۽ پيداوار کي بحال ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ۽ انهي مطابق هڪ ٽائيم ٽيبل تيار ڪيو، ان ڪري پيداوار ?? اضافي کي سال 2024ع جي آخرتائين ۽ او??يڪ پلس جي آخري وزارتي اجلاس ۾ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ چيو ته او??يڪ پلس جي قدم جو مقصد سياري ۾ گهٽ طلب دوران تيل جي مارڪيٽ کي عدم استحڪام کان بچائڻ آهي.
اوپيڪ پلس پاران 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ تيل جي پيداوار ۾ 2.2 بيرل جي رضاڪاراڻي گهٽتائي جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria