تيونس _12 ڊسمبر (اي پي پي) تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فون جي اس??عمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق تيونس ۾ تعليم ??اري وزارت ڊيجيٽل تشدد جي وڌندڙ رجحان کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ نظم وضبط کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ اسڪولن ۽ ادارن اندر سمارٽ فون کڻ?? وڃڻ ۽ اس??عمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزارت جو اهو قدم هڪ اس??اد جو پاڻ کي ساڙي آپگهات ڪرڻ جي واقعي بعد کنيو ويو. ان اس??اد کي پنهنجي شاگردن طرفان هڪ آن لائن بدمعاشي جي مهم کي منهن ڏيڻو پيو. ان اس??اد جي ويڊيو ٺاهي وئي ۽ ا?? کي سوشل ميڊيا سائٽس تي شايع ڪيو ويو هو. تعليم ??اري وزارت پنهنجي اختيار جي دائري تحت علائقائي وفدن کي موڪليل هڪ ميمورنڊم ۾ اسڪولن ۽ ادارن جي پرنسپلز کان مطالبو ڪيو ته هو شاگردن ۽ والدين کي آگاهه ڪن ته ڪنهن به سبب تعليمي ادارن ۾ سمارٽ موبائل فون آڻڻ منع آهي. وزارت اهو به حڪم ڏنو ته اسڪول اندر فوٽوگرافي تي ??خت?? سان پابندي لاڳو ڪئ?? وڃي. رڳو اسڪول جي پرنسپل جي اجازت سان ئي فوٽوگرافي جي اجازت ڏن?? وڃي.
تيونس جي اسڪولن ۾ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج