ريوڊي جنيرو-18 نومبر (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ برازيل جي ??م منصب سيولولاڊي سلوا جي دعوت تي 19 هين جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ريوڊي جنيرو پهچي ويو. چيني ميڊيا مطابق سومر ڏينهن ريوڊي جنيرو پهچڻ تي صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ برازيل سٺا دوست ۽ شراڪتدار آهن جيڪي گڏ گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار جا ثمر مليا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ عالمي سطح تي گلوبل انصاف جو آواز بلند ڪندي عالمي امن ?? ترقي لاءِ اهم خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 50 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اميد آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد، سمورن شع??ن ۾ ڏي وٺ ۽ سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II