گڏيل قومون – 23 سيٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ان خدشي جو اظهار ڪيو آ??ي ته اسرائيل لبنان ۾ پڻ غزه جهڙي تباهي مچائي سگهي ٿو. اها ڳالهه هن عالمي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چئي.پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان ۾ گڏيل قومن جي خصوصي ڪوآرڊينٽر جينين هينس پلاس چارٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آ??ي ته وچ اوڀر هن وقت وڏي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آ??ي. هن چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار جو ڪو فوجي حل ممڪن ناهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آ??ي ته سندس حڪومت وچ اوڀر ۾ هڪ وسيع جنگ کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. يورپي يونين چيو آ??ي ته کيس وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي ا??ته??ئي ڳڻتي آهي، جڏهن ته برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي غزه ۽ ڏکڻ لبنان ۾ فوري جن?? بندي جو مطالبو ڪيو آ??ي . غزه ۾ جاري جنگ ۾ حزب الله بعد عراق ۾ هڪ عسڪري گروپ طرفان اسرائيل طرف 2 پروجيڪٽائل فا??ر ڪيا ويا آهن. ان صورتحال ۾ اسرائيلي حڪومت پنهنجي اترئين سرحدي علائقي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آ??ي. اتي اسڪول بند ڪيا ويا آهن ۽ اسپتالن ۾ عل??ج هيٺ مريضن کي زمين هيٺ منتقل ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ کان منع ڪيو ويو آ??ي. خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي بعد آمريڪا ۽ اردن به لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عالمي برادري پاران وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔