نئين دهلي- 22 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي سڀ کان وڏي واپاري م??ڪز ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروسز ۽ اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي. اهو قدم لڳاتار ٻئي ??ين??ن جاري احتجاج سبب کنيو ويو آهي. هڪ خابرو اداري موجب اهو احتجاج ٻن ٻارڙين سان لڄالٽ جي تمام وڏي شرمناڪ واقعن خلاف جاري آهي، تازن واقعن جو شڪار بڻجندڙ ٻارڙين جي عمر چار سال هئي. ممبئي کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر جي فاصلي تي بدله پور ۾ احتجاج جاري آهي. احتجاج جي اها لهر 31 سالن جي عورت ڊاڪٽر جي اسپتال اندر قتل جي واردا?? کان پوءِ جاري آهي. عورت ڊاڪٽر سان افسوسناڪ واقعو ڪجهه ??ين??ن اڳ ڀارت جي شهر ڪولڪته ۾ پيش آيو هو. بدله پور ۾ چار سالن جي ٻارڙين سا?? ڏاڍائي جي الزام ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مڇريل مظاهرو ڪندڙن اڱاري واري ??ين??ن ريلوي ٽريڪ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻارڙين لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. رياست جي وڏي وزير اڪناٿ شيندي چيو ته ان ڪيس کي عدالت ۾ تيزي سان ه??ايو ويندو. هن مظاهرو ڪندڙن تي الزام هنيو ته مظاهرو ڪندڙ سياسي طور تي م??حرڪ آهن. واضح رهي ته مهاراشٽرا ڀارت جي امير ترين رياست آهي. جنهن ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ چونڊن جو به امڪان آهي، ان رياست ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي کي گڏيل مخالف ڌر پاران سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو.
ڀارت ۾ ننڍڙين ٻارڙين سان لڄالٽ تي احتجاج سبب ممبئي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ اسڪول بند
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ